سومر مرکنڊ

سومر مرکنڊ

سومر مرکنڊ

سومر مرکنڊ (ملهه): ملهه پهلوان سومر مرکنڊ جو ڳوٺ اڳڙا تعلقو گمبٽ، ضلعو خيرپور آهي. هن پهلوان کي ملهه جو شوق استاد شير گوپانگ جي صحبت مان پيدا ٿيو ۽ پنهنجي شوق جي پورائيءَ لاءِ کانئس ملهه جو فن سکيو. استاد کان ڌاڳو ٻڌائي ملاکڙن ۾ وڃڻ جي اجازت ورتائين. استاد جي اجازت کانپوءِ سومرو مرکنڊ ٽئين جوڙ کان ملهه وڙهڻ شروع ڪئي. ٽئين جوڙ ۾ پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان وارن ملاکڙن ۾ اٽڪل هڪ سال تائين ملهه وڙهندو رهيو ۽ جلد ئي ترقي ڪري ٻئي جوڙ ۾ پهتو. ٻئي جوڙ ۾ پهچڻ کانپوءِ سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ جي ملاکڙي ۾ ويندو رهندو هو ۽ ڪافي مشهور ٿيو. کيس هن وقت تائين خاص انعام شاهه لطيف ۽ شاهه مُناري جي ملاکڙن تي ملي چڪا آهن.


لفظ سومر مرکنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو